حيدرآباد ۾ ٻارن ذريعي جعلي نوٽ هلائڻ جو انڪشاف

0
258

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ھزار رپين جي ڪوڙي نوٽ سوڌو نينگر سوگھو، کيس قاسم آباد پوليس حوالي ڪيو ويو، قاسم آباد مين روڊ تي واقع حيدري ڊيري تان ھزار رپين جو ڪوڙو نوٽ کليو ڪرائڻ لاءِ آيل نينگر اقرار جتوئي کي ڊيري مالڪن سوگھو ڪري قاسم آباد ٿاڻي وٺي وڃي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نينگر ٻڌائي پيو ته جاويد نالي شخص کيس اھي پيسا کليا ڪرائڻ لاءِ ڏنا ھئا، سندس چوڻ ھو ته جاويد کي ھو گھڻو نه ٿو سڃاڻي بس ھن سان ٻه ٽي دفعا مليو آھي، جاويد کيس ان کان اڳ به 5 ھزار رپين جو نوٽ ڏنو ھو جيڪو ھن ھڪ دڪان تان کليو وٺي ھن کي ڏنو هو. پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.