چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ڳوٺ ڄام خان لغاري ۾ ڪامريڊ احمد خان لغاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سنڌ سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررين اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ احمد خان لغاري هن علائقي اندر چمبڙ ھاري تحريڪ ٺاهي جيڪا 60 جي ڏهاڪي جي شروعات هئي هن تحريڪ کي جن متحرڪ ڪيو اهي حيدر بخش جتوئي جا شاگرد هئا ڪامريڊ احمد خان لغاري جيڪا جهدوجهد ڪئي اها نئين دور جي بنياد تي ڪامريڊجيل به ويو ڪوڙا به کاڌا ۽ ڪي ئي ورڪر پيدا ڪيا. تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪامريڊ جاويد راجپوت ڪامريڊ مبارڪ جتوئي يعقوب نهڙيو علي انور آريسر وقار چانڊيو جئه پرڪاش فيض محمد ڪيريو يونس راهو گلاب ڀيل حاجي محمد خاصخيلي ڪامريڊ مبارڪ ڪامريڊ ارباب سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.