خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ويجھو لنڊ بازار ۾ شادي جي ماني ھلائڻ تان لنڊ برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو ممتاز لنڊ زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارث خانپورمھر ٿاڻي تي کڻائي پهتا جتان ميڊيڪل ليٽرملڻ بعد زخمي کي اسپتال ۾داخل ڪرايو ويو، الطاف لنڊ ٻڌايو ته شادي جي ماني ھلائڻ تان محمد نواز لنڊ، حاجي نورو، ثناءَ الله لنڊ ۽ ٻين ڀاءُ تي سخت تشدد ڪيو آھي، ھوڏانھن پوليس واقعي جي 8 ڄڻن مٿان اين سي رپورٽ داخل ڪري ورتي.