سکر: چشما کان تونسا جي وچ مان ڏهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿي ويو آهي ۽ ارسا پاران ان حصي ۾ 13 سيڪڙو کان مٿي لاسز ڄاڻائي ڇڏيا آهن پر عام طور اهي لاسز رڳو پنج ڇهه سيڪڙو تائين ريڪارڊ ٿيندا رهيا آهن. انگن اکرن موجب 6 مئي تي چشما بيراج وٽان 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو جيڪو ڪالهه تائين تونسا وٽ گهٽ ۾ گهٽ 70 هزار ڪيوسڪ پهچڻ گهربو هو پر پاڻي ڏهه هزار گهٽ ٿي 65 هزار ڪيوسڪ پهتو. هوڏانهن سکر کان ڪوٽڙي تائين به پاڻي لاسز وڌيل رهيا. سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران ڪالهه تائين چشما کان تونسا تائين گم ٿيل پاڻي جي حوالي سان ڪا به لک پڙهه ناهي ڪئي.