سعودي عرب جو خصوصي شرطن تي حج ڪرائڻ جو اعلان

0
413

رياض (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي عرب ڪورونا جي عالمي وبا جي پکيڙ جي پيش نظر هن سال به خصوصي شرطن تي حج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي وزارت حج ۽ عمره جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زائرين جي صحت ۽ سلامتي جا مڪمل انتظام هوندا، حج جا آپريشنل مامرا ۽ تفصيلن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، ياد رهي ته گذريل سال به صرف سعودي عرب جي رهائشين کي ئي مخصوص شرطن تي حج جي اجازت ڏني وئي هئي.