سکر: پنهنجي اخبار کي مليل انگن اکرن موجب سڀاڻي 11 مئي کان ايندڙ ڏهن ڏينهن لاءِ سنڌ جي بيراج جي گهرج وڌي ويندي. گڊو بيراج جي گهرج 3700 ڪيوسڪ مان وڌي 5600 ڪيوسڪ، سکر بيراج جي 35100 ڪيوسڪ مان وڌي 40700 ۽ ڪوٽڙي بيراج جي 12300 ڪيوسڪ مان وڌي 15700 ڪيوسڪ ٿي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ اڳ ئي کوٽ هجڻ سبب اڃان کوٽ وڌي ويندي. گذريل ٻن ڏينهن دوران سنڌ ۾ برساتن سبب آبادگارن جون دانهون ۽ شڪايتون گهٽ ٿيون هيون پر ايندڙ ڏهي ۾ جيڪڏهن برساتون نه پيون ته صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي ۽ خاص ڪري ساريالي فصل جي پوکي ۾ وڌيڪ دير ٿي ويندي. جيتوڻيڪ چشما بيراج مان ڪالهه پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ ڇڏيو ويو آهي پر ان باوجود کوٽ پنجٽيهه سيڪڙو کان وڌي وڻ جو امڪان آهي.