چاچا اسان سنڌي ڳالهائيندا آهيون: سنڌي اداڪارن جو نصير الدين شاهه کي دلچسپ جواب

0
357

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌي فنڪارن ياسر نواز، منشا پاشا ۽ دانش نواز به بالي ووڊ اداڪار نصير الدين شاهه کي سنڌيءَ ۾ دلچسپ جواب ڏنو آهي

بالي ووڊ اداڪار نصرالدين شاهه هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سنڌي پاڪستان ۾ نٿي ڳالهائي وڃي، جنهن تي شديد ردعمل اچڻ کانپوءِ نصيرالدين شاهه پنهنجي غلطي مڃي ورتي

سنڌي فنڪارن ياسر نواز، منشا پاشا ۽ دانش نواز به نصير الدين شاهه کي سنڌيءَ ۾ دلچسپ جواب ڏنو، اهڙي وڊيو سامهون آئي آهي

ياسر نواز، منشا پاشا ۽ دانش نواز نصيرالدين شاهه کي مخاطب ٿي چون ٿا ته اڙي چاچا نصير سائين خوش آهيو، سڀ خير آهي، چاچا توهان سمجهو ٿا ته اسان کي سنڌي نٿي اچي، اسان کي سنڌي ايندي به آهي ۽ اسان سنڌي ۾ ڳالهائيندا آهيون

ياسر نواز نصيرالدين شاهه کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته اوهان اسان جي پرواهه نه ڪريو، دانش نواز چوي ٿو ته چاچا مهرباني ڪري توهان پنهنجي ڪم اداڪاري تي ڌيان ڏيو