نوڪري جو ڏٽو ڏئي ناري سان ريپ  جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار

0
381
نوڪري جو ڏٽو ڏئي ناري سان ريپ  جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار
نوڪري جو ڏٽو ڏئي ناري سان ريپ  جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ناري کي نوڪري جو ڏٽو ڏئي مبينا طور ريپ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس موجب حسن اقبال نالي جوابدار فيس بڪ ذرعيي رابطو ڪري زينت بي بي نالي ناري کي نوڪري جو ڏٽو ڏنو

پوليس موجب جوابدار ڄاڻايل ناري کي انٽرويو لاءِ لالا زار ۾ واقع هڪ نجي هوٽل ۾ گهرايو، جتي جوابدار ناري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي

ناري جي دانهن تي هوٽل انتظاميا پوليس کي اطلاع ڏنو، ايس ايڇ او ڊاڪس جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو

پوليس موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

زهريٰ کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو، هڪ ٻيو ساٿي به شامل آهي: جوابدار جو اعتراف