وفاقي بجيٽ: ترقياتي رٿائن لاءِ 11 کرب: دفاعي بجيٽ 15 کرب مان وڌائي 18کرب 4 ارب رپيا مختص

0
441
وفاقي بجيٽ: ترقياتي رٿائن لاءِ 11 کرب
وفاقي بجيٽ: ترقياتي رٿائن لاءِ 11 کرب: دفاعي بجيٽ 15 کرب مان وڌائي 18کرب 4 ارب رپيا مختص

اسلام آباد: نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 11 سئو 50 ارب روپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڪاٿو 15 سئو 59 ارب روپيا لڳايو ويو، اهڙي ريت قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڪاٿو 27 سئو 9 ارب روپيا لڳايو ويو

انفرا اسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ 267 ارب روپيا رکيا ويا آهن، پاڻي جي شعبي لاءِ هڪ سئو ارب روپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، توانائي جي شعبي لاءِ 89 ارب روپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ 43 ارب روپيا رکڻ جي تجويز سامهون آئي آهي

ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ متوازن ترقي لاءِ 108 ارب روپيا تجويز ڪيا آهن، اُنهن مان ڪي پي ۾ ضم ٿيل علائقن لاءِ 57 ارب، آزاد ڪشمير لاءِ 32.5 ۽ گلگت بلتستان لاءِ 28.5 ارب روپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي

پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو اعلان

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو ته سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، سرڪاري ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار مان وڌائي 12 هزار ڪئي پئي وڃي، مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ڪئي پئي وڃي

حڪومت سروسز، سپلائيز ۽ ڪانٽريڪٽس تي وِد هولڊنگ ٽئڪس وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، معاشي سرگرمين جي شعبن ۾ منتقلين سان حڪومت جي آمدني ۾ واڌ لاءِ هڪ سيڪڙو ٽئڪس جي شرح وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سروسز تي لاڳو ڪنسيشنري ٽئڪسز جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، اها واڌ چانور، وونئڻ جي ٻِج، کاڄرو تيل، پرنٽ اينڊ اليڪٽرانڪس ميڊيا ۽ اسپورٽس پرسنز تي لاڳو نه ٿيندي

وڌيڪ آمدني وارن 15 ڪاروبارن توڙي شعبن تي لاڳو 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس جي شرح ۾ مرحليوار واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڪمرشل امپورٽرز شين جي امپورٽ تي ٽئڪس ۾ ڏهائي 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي

بئنڪن مان گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار روپيا ڪڍرائڻ تي ڏهائي 6 سيڪڙو ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

اسحاق ڊار ٻڌايو ته ايف بي آر تحت ٽئڪس اوڳاڙي جو ڪاٿو 92 هزار ارب روپيا لڳايو ويو، ٽئڪس اوڳاڙي ۾ صوبن جو حصو 5 هزار 276 ارب روپيا هوندو، ايندڙ مالي سال دوران معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو، بجيٽ خسارو 6.54 ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو ڏهائي 4 سيڪڙو هوندو، ايندڙ مالي سال لاءِ ايڪسپورٽ جو هدف 30 ارب ڊالرز ۽ ناڻي جي رسد جو ٽارگيٽ 33 ارب ڊالرز رکيو ويو، وفاقي حڪومت جي ڪُل آمدني 6 هزار 887 ارب روپيا هوندي، وفاقي سرڪار جي مجموعي خرچن جو ڪاٿو 14 هزار 460 رپيا لڳايو ويو، دفاع لاءِ 18 سئو 4 ارب ۽ سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 714 ارب روپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي

آبادگارن لاءِ سبسڊي

امپورٽيڊ ڀاڻ تي سبسڊي لاءِ 6 ارب روپيا رکيا ويا، ننڍن آبادگارن کي گهٽ مارڪ اپ تي قرض ڏيڻ لاءِ 10 ارب روپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي

زرعي قرضن جي حد 18 سئو ارب مان وڌائي 22 سئو 50 ارب روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته نئين مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب روپيا رکيا آهن، معياري ٻِج جي امپورٽ تي سمورا ٽئڪسز ۽ ڊيوٽيز ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، سيپلنگز تي به امپورٽ تي به ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو اعلان  ڪيو ويو آهي

بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ لون پروگرام

بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ لون پروگرام تحت ننڍي ڪاروبار لاءِ رعايتي قرض ڏيڻ لاءِ 10 ارب روپيا مخصوص ڪيا ويا، سماجي ترقي جي شعبي لاءِ 244 ارب رکيا ويا، جِن مان 82 ارب روپيا اعليٰ تعليم ۽ 26 ارب روپيا صحت جي شعبي لاءِ رکيا ويا، سائنس ۽ آءِ ٽي جي شعبي لاءِ 34 ارب روپيا مخصوص، صنعت، معدنيات ۽ زراعت جي پيداواري شٰعبن لاءِ 50 ارب روپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي

دفاعي بجيٽ ۾ غير معمولي  اضافو

ناڻي واري وزير چيو ته دفاعي بجيٽ لاءِ 18 کرب 4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، گذريل مالي سال دفاعي بجيٽ 15 کرب 23 ارب رپيا هئي، جيڪا هن سال وڌائي وئي آهي

هن چيو ته سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 7 کرب 14 ارب رپيا ڏنا ويندا، پينشن لاءِ 7 کرب 61 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجلي، گيس ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي طور 10 کرب 74 ارب رپيا رکيا ويا آهن

صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ

ناڻي واري وزير چيو ته صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، ان کان کانسواءِ اقليتن، رانديگرن ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ به فنڊز آهن، مستقبل جي پينشن جي خرچن جي ذميواري کي پورو ڪرڻ لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويندو

هن کي به پڙهندا

وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ