زهريٰ کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو، هڪ ٻيو ساٿي به شامل آهي: جوابدار جو اعتراف

0
321

شهدادپور (رپورٽر) شھدادپور ڀرسان گلشن مھر ڪالوني ۾ هفتو اڳ جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگري زھريٰ ڪنڀر ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته واقعي ۾ هڪ ٻيو به ساٿي شامل آهي

جوابدار  ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته زهريٰ سان دوستي هئي، هن کي ويران هنڌ تي وٺي وڃي جنسي حوس جو نشانو بڻايو

جوابدار ٻڌايو ته محمد بروهي ڪڌي حرڪت ڪندي ڏسي ورتو ۽ هن به نينگري سان زيادتي ڪئي جنهن بعد نينگري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

هن ٻڌايو ته مان ۽ زهريٰ هڪٻئي کي پسند ڪندا هياسين ۽ شادي به ڪرڻ ٿي چاهي پر هي واقعو پيش اچي ويو

هوڏانهن پوليس زهريٰ قتل ڪيس جي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري رماند حاصل ڪيو آهي

هي به پڙهندا

قاضي احمد پوليس پاران سوهانا شرما کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ