نوابشاهه(بيورو رپورٽ) ڄام صاحب روڊ جو پريمي جوڙو مديحه بختاوراعواڻ ۽ ولي محمد 12 ڏينھن اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنھن کان پوءِ ناري جا وارث شاديءَ تي ناراض ھئا، قتل جي خوف کان جوڙو تحفظ لاءِ شھيد بينظير آباد جي عدالت ڊڪندا پھتا ته ناريءَ جا وارث به عدالت ۾ پويان ڀڄندا پھچي ويا، جوڙو عدالت ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي روانو ٿي ويو، ناريءَ جا وارث کيس پويان کان سڏيندا رهيا.