مورو (ن پ ا) سينيئر سپريٽنڊنٽ انجنيئر سرڪل سيپڪو دادو محمد فاروق افغان جي ھدايتن تي ايس ڊي او روٽري سيل سرڪل دادو جماڻي علي نواز حيدري پنھنجي ٽيم سان گڏ مورو شھر جي مختلف ھنڌن تي بجلي چورن خلاف وڏو آپريشن ڪري غير قانوني لڳايل بجلي جا سوين ڪنيڪشن ڪٽرائي تارون لھرائي ڇڏيون ۽ بجلي باقيدارن کي بجلي جي بلن جي ادائگي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته ايس اِي جي سخت ھدايتن تي پوري سرڪل ۾ اھڙو آپريشن ڪيو ويو آھي ۽ چوري لڳايل بجلي جون تارون ڪٽرايون آھن ۽ بجلي چورن کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو، انھن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وينديئ ھن چيو ته پوري سرڪل ۾ آپريشن دوران سوين ڪنيڪشن غير قانوني لڳايل ويا ھئا جيڪي ختم ڪرائي ڇڏيا آھن.