سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ گولو چانڊيو ۾ ڀائٽين پاران چاچي جي گهر تي مبينا حملو، نتيجي ۾ 15 سالن جي نينگري ڌيءُ پريل چانڊيو، ليمون، قيصر ۽ سڪندر چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. زخمين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مٿين جوابدارن اسان جي گهرن تي بي گناهه حملو ڪري اسان تي تشدد ڪيو آهي. اسان غريب مسڪين آھيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جي نه ته سخت احتجاج ڪنداسين.