ڄامشورو: 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي مبينا طور پٿر ھڻي قتل

0
521

ڄامشورو: 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي مبينا طور پٿر ھڻي قتل ٿي وئي آھي، سندس مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ڄامشورو ۾ 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي مبينا طور قتل ٿي وئي آھي، نوري آباد ويجھو ھٿ آيل لاش جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي طور سڃاڻپ ٿي آھي

انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي فائن آرٽ شعبي جي آخري سال جي شاگردياڻي ماجدا عباسي قتل ٿي وئي آھي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ ھٿ آيل لاش سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ماجدا ڌيءَ سڪندر عباسي جو نڪتو آھي

ماجدا انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي فائن آرٽ شعبي جي شاگردياڻي ھئي، شاگردياڻي ماجدا کي سندس مڙس زاھد سولنگي پاران پٿر ھڻي قتل ڪرڻ بعد لاش نوري آباد ڀرسان اڇلايو ويو

شاگردياڻي جو لاش ڳوٺ غلام جاکرو وٽان ھٿ آيو آھي، پوليس جوابدار زاھد کي گرفتار ڪري ورتو آھي، پوليس موجب ماجدا عباسي 2 سال اڳ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد زاھد سولنگي سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو

پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي، جوابدار ٻڌايو آھي تھ گھرواري کي ڪراچي گھمڻ وٺي وڃڻ بھاني ڳوٺ غلام جاکرو ڀرسان پٿر ھڻي قتل ڪيو

جوابدار موجب 2 سال اڳ ماجدا سان پرڻو ڪيو، 21 جون مائٽن وٽ وئي واپس نھ وري ۽ طلاق جو چيو، ان ڪري ڪراچي بھاني سان وٺي وڃي کيس قتل ڪيو

ھي به پڙھندا

ڪنب مان اغوا ٿيل ناري پنجاب مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ