سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن جا سهائتا نه ٿيڻ خلاف مظاهرا

0
464
سنڌ جي مختلف شهرن

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ متاثرن پاران سهائتا نه ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪيا پيا وڃن

 ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ راشن نه ملڻ خلاف پير وسڻ ۾ احتجاج ڪيو ويو

نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي ڪيل احتجاج ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ شهرين به شرڪت ڪئي

ٺري ميرواهه شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھنيو ويو

Pakistan's catastrophic floods, in pictures : The Picture Show : NPR

لالو رائنڪ ۾ لنڊي واهه جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ خلاف علائقي واسين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

مظاهرين چيو ته پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

شهدادڪوٽ ۾ رليف ڪيمپ مان 2 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ٻوڏ متاثرن پاران احتجاج ڪيو ويو

مظاهرين چيو ته سجاول جوڻيجو پوليس ڪيمپ ۾ گهڙي ڇٽل چانڊيو ۽ ذوالفقار بروهي کي ناحق کنڀي وئي

 ٻنهي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، مظاھرين چيو تھ پوليس ظلم ڪيو آھي

جهڏو ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار، مشينون پهچڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿيو، علائقا ٻڏل

هيل تائين 11 لک کان وڌيڪ راشن جا ٿيلها متاثرن ۾ ورهايا ويا: شرجيل ميمڻ