ڄامشورو ضلعو منشيات جو ڳڙهه بڻجڻ خلاف ريلي، ڌرڻو

0
429

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڄامشورو ضلعو منشيات جو ڳڙھ بڻجي وڃڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، نوجوانن پاران هڪ مهيني کان منشيات خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ تحريڪ زور وٺي وئي، ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي پارٽين، سول سوسائٽي، اديبن، شاعرن ۽ عام شهرين ڪوٽڙي ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي هڪ ايماندار ۽ اهل آفيسر مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعليم جو مرڪز ڄامشورو ضلعو هيروئن ۽ آئيس جو مرڪز بڻجي ويو آهي، يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هيروئن ۽ آئيس وڪرو ٿي رهيو آهي، پوليس منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڄامشوري ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ شهر جي وک وک تي چرس، مين پڙي، گٽڪو، مائو، زيڊ 21، سميت هيروئن ۽ آئيس سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ آڪڙا، جوا جا اڏا نوجوانن جي تباهي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن، هنن چيو آهي ته پوليس رڳو منٿليون اوڳاڙڻ ۾ پوري آهي، ضلعي ۾ ايماندار پوليس آفيسير مقرر ڪيو وڃي. مظاهري ۾ ايس ٽي پي، ايس يو پي، عوامي جهموري پارٽي، ڄامشورو جدوجهد ڪميٽي، پيپلز ليبر بيورو، پيپلز هاري ڪميٽي، ٻولهاڙي اتحاد ۽ ٻين جمائتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.