ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ اي سي جي مبينا زيادتين خلاف تپيدارن سندس آفيس آڏو احتجاج ڪيو، تپيدارن نصرالله چانڊيو، حمزو خان ڪلهوڙو، ڄام وحيد سھتو ۽ ٻين چيو ته گذريل مھيني کان اسان برسات متاثرن جي گھرن جي سروي ڪري رھيا آھيون جنھن جو معاوضو ناھي ملي سگھيو، ھنن چيو ته سنڌ حڪومت واضع اعلان ڪيو ھو پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته اي سي شاھد سرڪي اسان سان ناجائزيون ڪري رھيو آھي ۽ پئسا ڦٻائڻ چاھي ٿو، هنن نوٽيس وڍي تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.