بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن. ٻه ڏينهن اڳ زنئور شاخ جي داد جروار موري وٽان ٻه نامعلوم هٿياربند عبدالله لنڊ جاويد لنڊ ۽ آصف لنڊ کان پنجاھ هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٽچ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، بڪيراشريف جي مين خاصخيلي پاڙي مان وقار خاصخيلي جي ڇت تان چور سولر پليٽون لاهي ويا، جڏهن ته ٻه نامعلوم چورن رات مغرب جي وقت بڪيراشريف ويجهو کيسانا 2شاخ تان زميندار محمد عمر ميمڻ جي زمين ۾ لڳل اسڪارپ جي ٽيوب ويل جي ٽرانسفارمر کي لاهي ڪوائلون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته هاري کين ڏسي رڙيون ڪيون جنهن تي آس پاس جا ڳوٺاڻا پھچي ويا چور پاسي ۾ بيٺل ڪيلي جي فصل ۾ ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا, رات دير سان يوسفاڻي فارم تان نامعلوم چور ٽرانسفارمر لاهي ڪوئلون ڪڍي فرار ٿي ويا، ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ڏينهن ڏٺي جو شير سومرو جي دوڪان مان هڪ چور دوڪان جا تالا ٽوڙي 10 هزار ڪيش کڻي فرار، جڏهن ته بڪيراشريف پوليس چورن اڳيان بيوس بڻيل آهي. مهيني دوران عوام جون 50 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون چوريون ٿيون پوليس هڪ به چور کي گرفتار نه ڪيو.