ڀرياروڊ (ن پ ا) 4 ڏينهن اڳ ڀرياروڊ لڳ ٻن مغوين 12 سالن جي عباس سھتو ۽ 22 سالن جي وليد سھتو کي پوليس بازياب ڪرائڻ بعد پنجن عورتن سوڌو 12 جوابدارن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ٻه الڳ الڳ ڪيس ڀرياروڊ ٿاڻي تي داخل ڪري گرفتار ٿيل 5 عورتن مسمات نازان خاصخيلي، مسمات مومل، مسمات ببلي، مسمات ميرزادي ۽ مسمات آسيا کي نوشھروفيروز جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت 5 عورتن کي لاڙڪاڻو وومين جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته 7 جوابدارن ۾ معشوق خاصخيلي، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، مريد خاصخيلي، سرور خاصخيلي ۽ لياقت خاصخيلي ۽ ٻه نامعلوم جوابدارن کي آپريشن دوران موقعي تان فرار ڄاڻايو ويو آھي. واضع رھي ته چار ڏھاڙا اڳ ٺاروشاهه لڳ ڳوٺ مولھڻ جي رھواسين ٻن ڄڻن عباس سھتو ۽ وليد سھتو کي ڪبوتر وٺڻ بھاني مبينا طور جوبدارن اغوا ڪيو ھو ۽ وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ گھريو ھو جنهن تي پوليس ڳوٺ ۾ آپريشن ڪري مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرايو ھو جتان ست جوابدار فرار ٿي ويا ھئا ۽ اتان پوليس 5 عورتن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ھو.