اڏيرولال (ن پ ا) ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد فيزون ۾ مبينا ڳلو ڪپي قتل ڪيل فاطمه قائمخاني جو ڪيس سند س ڀاءَ جي فرياد تي اڏيرولال اسٽيشن سان تعلق رکندڙ سند س مڙس ڪامران کوسو تي داخل ڪيو ويو. ايف آئي آر ۾ قتل ٿي ويل فاطمه جي ڀاءُغلام مرتضيٰ قائمخاني موقف ظاهر ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ فاطمه جو مڙس ڪامران کوسو کيس فون ڪري ڌمڪيون ڏيندو هو ته پنهنجي ڀيڻ کي سمجهايو نه ته ان کي آئون قتل ڪري ڇڏيندس جنهن بعد 12 جون تي فاطمه کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ فاطمه جي ڀاءُ غلام مرتضيٰ قائمخاني قاسم آباد ٿاڻي تي ڀيڻ جي قتل بابت آگاهه ڪيو ويو هو 12 جون تي مڙس هٿان قتل ڪيل جي رپورٽ واضح اچڻ کان پوءِ ناري جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ 17 جون تي ناري جي مڙس ۽ سندس 4 نامعلوم ساٿين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بعد مبينا قتل ڪيل ناري فاطمه قائمخاني جي مڙس کي قاسم آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي