قمبر (خاص عيوضي) قمبر جي سماجي اڳواڻ بيبي باگڙي شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ايم پي اي سردار چانڊيو طرفان انصاف ۽ تحفظ ڏيڻ جي خاري ڪرائڻ بعد پنهنجن فلاحي ادارن کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين جي موجودگي ۾ بيبي باگڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مان توهان سڀني انسان دوست ۽ باشعور ماڻهن جي وچ ۾ موجود ھوندي خوشي محسوس ڪريان ٿي ته توهان منهنجي لوئي ۽ لڄ جا محافظ بڻجي منھنجو ساٿ ڏنو آهي، هن چيو ته مون پنهنجي باگڙي برادري جي ٻارن کي معاشري ۾ سٺو شھري بڻائڻ ۽ انهن کي پنڻ کان بچائڻ لاءِ تعليمي ادارا کوليا ۽ برادري جي عورتن کي بھتر روزگار ڏيڻ ۽ پنڻ کان بچائڻ لاءِ ھنري سکيا جو مرڪز کوليو، اھڙو عمل منهنجي برادري جي ڪجهه ماڻهن سميت شرپسندن کان برداشت نه ٿيو، جن پھريان مون خلاف سوشل ميڊيا تي نازيبا ٻولي استعمال ڪئي ۽ پوءِ مون کي ڌمڪائي ھيسائي فلاحي ادارا بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو پر توهان ھتي اچي پنهنجي ڏنل امانت جو پاڻ تحفظ ۽ مالڪي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته مون کي منهنجو فلاحي ادارا بند ڪرڻ وارو فيصلو غلط نظر آيو، جنهن بعد اهو فيصلو واپس ورتو آهي، هن چيو ته قمبر جي ايم پي اي سردار چانڊيو مون سان ملاقات ڪري منهنجي مٿي تي هٿ رکي منهنجي مالڪي جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته تنهنجي فلاحي ادارن خلاف ڪير به رستا روڪ ڪندو ته مان ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس، هن چيو ته سڄي سنڌ منهنجي لاءِ ھڪ آواز بڻجي وئي ته مون سوچيو ته منهنجي تعليمي ادارن جي سنڀال لاءِ ھيترا مالڪ آھن ته مون فلاحي ادارا بند ڪرڻ واري عمل کي غلط سمجهيو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ڪاڪا محمد علي چانڊيو، ميونسپل قمبر جو اڳوڻو چيئرمين شھبان شيخ، پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد علي هڪڙو، ساس اڳواڻ درمحمد ٻرڙو، سماجي اڳواڻ مجاھد حسين شاهه، اياز ٻرڙو، رياض چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، آخر ۾ ڄاڻايل اڳواڻن بيبي باگڙي کي گلن جا هار پارايا ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا.