لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد حنيف ڀٽو ڪالوني ۾ مبينا طور جنسي طور حراسان ڪيل 7 ورهين جي نينگري فخرالنساءَ شيخ واري واقعي خلاف وارثن جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي نينگري جي پيءُ غلام حسين شيخ سماجي اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي، مير شيخ، الطاف ڪورائي، امداد عباسي، صدام جتوئي ۽ ٻين الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن بااثر نواب تونيو نينگري فخرالنساءَ کي چمي ڏني، انڪار تي هن کيس تشدد جو نشانو بڻايو، هنن چيو ته بااثر ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي جنهن تي پوليس نينگري ۽ سندس والد کي گرفتار ڪيو جيڪو عمل سراسر ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.