ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسيئشن ڀاڙن ۾ 100  سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪندي هڙتال جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو،ان حوالي سان ڪالهه آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسيئشن جي اڳواڻ شيخ اقبال ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آئل ٽينڪرز ڪانٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جا ميمبر  انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ادا ڪن ٿا، اسان جا ڪيترا ئي جائز مسئلا آهن، جن جي  حل لاءِ پيٽروليم واري وزارت کي به خط لکيا پر اسان کي وقت ئي نه ٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته پيٽروليم شين ۾اضافو ٿيڻ سان خرچ به پورو ڪري نٿا سگھون، هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڙن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، غيرقانوني پينلٽي بند ڪئي وڃي، هنن چيو ته اسان جي لوڊ ٿيل گاڏين کي 15 کان 20 ڏينهن بيهاريو ويندو ويندو آهي، جنهن جي چارجز ڏني وڃي، هنن چيو ته 72 ڪلاڪن اندر  مطالبا منظور نه ٿيا ته تيل جي سپلاءِ بند ڪنداسين.