ڇور (ن پ ا) ڇور ويجهو نوجوان بک ۽ بيروزگاري  سبب آپگهات ڪري ڇڏيو، جهنگ ۾ وڻ مان ٽنگيل لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ حويلي وساڻ ۾27 سالن جي گلاب ولد دلو ڀيل جو وڻ ۾ ڦاھو کاڌل لاش ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش وڻ مان لاھي ورتو، جڏهن ته وارثن ڪا به ڪارروائي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نوجوان جي ڀاءُ ڏونگرو ڀيل ٻڌايو تـ گذريل ٻن ڏينهن کان گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، سمورا گھر ڀاتي بک تي هئا، هن ٻڌايو ته ڀاءُ گھران اسان کي مزدوري جو چئي نڪتو ته لاش هٿ اچڻ جو اطلاع مليو، هن چيو ته ڀاءُ بک ۽ بيروزگاري سبب خودڪشي ڪئي،