ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ احساس ڪفالت سينٽر جي رٽيلرن پاران سيوهڻ پوليس خلاف ڊوائيس بند ڪري احتجاج ڪيو ويو، رٽيلرن منور بروهي، هاشم برهماڻي، امتياز خشڪ، آصف سولنگي، خيبر بروهي ۽ ٻين دانهيو ته 2 ڏينهن اڳ سيوهڻ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي ايس ايچ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻي بناجواز جي ڪارروائي ڪري ڊوائيس هلائيندڙ رٽيلرن کي هراسان ڪري 3 رٽيلرن کي گرفتار ڪري سندن ساڍا 18 لک رپيا کڻي ويو ۽ رٽيلرن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري وڏي ناانصافي ڪئي آهي، ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ فرنچائيز جي مالڪ عرفان ڀٽو خلاف به ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو کيس بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوٽي ٿئي پئي ته اتي موجود پوليس اهلڪار ڇا پيا ڪن؟ انهن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڇو نه ڪيو ويو؟ باقي رٽيلرن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آهي، ايس ايچ او سيوهڻ خلاف ڪارروائي ڪري داخل ٿيل ڪيس خارج ڪري رٽيلرن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو مجبور ٿي سخت احتجاج ڪندا. هوڏانهن احساس ڪفالت سينٽر بند هجڻ سبب ڪاڇي ۽ ڪچي سميت مختلف ڏوراهن علائقن کان آيل مستحق عورتون سڄو ڏينهن احساس ڪفالت سينٽر ٻاهران پئسا وصول ڪرڻ جو انتظار ڪندي پريشان نظر آيون، ٻئي طرف احتجاج ۽ احساس سينٽر بند هجڻ جو ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ عبدالرحيم قريشي کي معاملي جي انڪوائري جا حڪم ڏيندي نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ۽ سينٽر کولرائي عورتن کي پئسا ڏيارڻ جون هدايتون جاري ڪيون، پوليس اهلڪار ڏوهي ثابت ٿيا ته انهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي، رٽيلرز هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته داخل ٿيل ڪوڙو ڪيس خارج ڪري ايس ايچ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻي کي هٽائي سينٽرن تي احساس ڪفالت عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته پوء سينٽر کوليا ويندا.