ڀان سيدآباد ۾ وحشي جوابدارن جي معصوم نينگر سان مبينا بد فعلي

0
185

ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد جي شيدي پاڙي ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  ٻن وحشي جوابدارن نينگر علي رضا پٽ رفيق ميمڻ سان جنسي زيادتي ڪري کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي ويا.

متاثر نينگر کي سندس وارث بيهوشي واري حالت ۾ سيوهڻ اسپتال کڻي جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اطلاع باوجود ڪابه مدد ناهي ڪئي،  وحشي جوابدارن معصوم نينگر کي تشدد جو نشانو به بڻايو آهي، جوابدارن کي گرفتاري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.