نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا جي صورتحال بدترين ٿي وئي، اسپتالن ۾ بيڊ اڻلڀ ٿي ويا، آڪسيجن جي کوٽ جو مسئلو سنگين بڻجي ويو، ماڻهن پنهنجي پيارن جا مڙهه قبولڻ کان ئي انڪاري ڇڏيو آهي، مسلمان رضاڪارن لاشن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، لاشن کي دفنائڻ ۽ ساڙڻ لاءِ جاءِ جي کوٽ پيدا به ٿي وئي، ڀارت ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به سوا 3 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا، ممبئي جي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ ڪري 13 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا، دهلي جي گنگارام اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب 25 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا. ٻئي طرف بيساکي ميلي ۾ شرڪت بعد ڀارت ويندڙ 200 ياترين ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا، ڀارتي اختيارين متاثرن کي گهرن ۾ قرنطينه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سک ياترين پنهنجي ديس ۾ پرديسن واري سلوڪ تي ڪاوڙجي ويا، ڀارت جي اٽاري بارڊر تي ياترين جي مثبت ڪورونا ٽيسٽ ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو، رپورٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، ڀارتي پنجاب جي حڪومت 200 ياترين ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جا ثبوت نه ڏيڻ تي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي اويڪيو ٽرسٽ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ايتري وڌيڪ تعداد ۾ ياترين کي ڪورونا هجڻ ناقابل يقين آهي، پاڪستان ۾ ڪنهن به ياترين شڪايت نه ڪئي هئي.