ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)پاڪستان آسٽريليا، ڀوٽان، چين، نيپال، نيوزي لينڊ، سنگارپور ۽ سريلنڪا سميت 20 ملڪن جي مسافرن کي بنا ڪورونا ٽيسٽ پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏيندي ڀارت، ڪينيا، برزايل، زمبابوي ۽ صوماليا سميت 23 ملڪن جي ماڻهن جي پاڪستان آمد تي پابندي مڙهيندي، سندن آمد اين سي او سي جي قاعدن ۽ ضابطن سان مشروط ڪري ڇڏي، سول ايويشن اٿارٽي پاران جاري ڪيل لسٽ مطابق آسٽريليا، ڀوٽان، چين، فجي، جاپان، قازقستان، منگوليا، نيپال، سعودي عرب، نيوزي لينڊ، سنگارپور، ڏکڻ ڪوريا، تاجڪستان ۽ ويٽنام سميت 20 ملڪن جي شهرين کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏيندي، ڪورونا بابت پي سي آر ٽيسٽ گڏ آڻڻ وارو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا، ڪينيا، برازيل، ڪولمبيا، چلي، زمبابوي، ڀارت ۽ صوماليا سميت 23 ملڪن جي شهرين جي پاڪستان ۾ اچڻ تي پابندي لڳائيندي، اين سي او سي جي ڪيل فيصلن جي روشني ۾ سندن آمد جو شرط لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ان فيصلي بابت سمورن ايئرپورٽن جي انتظاميا کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي.