ڀارت ۾ ڪورونا جي پکيڙ: ٽي 20 ورلڊ ڪپ آءِ سي سي لاءِ چيلنج بڻجي ويو

0
536

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جَي وڌندڙ ڪيسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي ۽ آءِ سي سي لاءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪرائڻ چيلينج بڻجي ويو آهي. آءِ سي سي کي ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارت ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آءِ سي سي مڪمل تسلي چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته عالمي گورننگ باڊي سمجهي ٿي ته ٽيمن ۽ براڊ ڪاسٽرز سميت ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي صحت ۽ حفاظت کي خطري ۾ نٿو وجهي سگهجي. آءِ سي سي جو وفد ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀارت جو دورو ڪندو پر وفد لاءِ موجوده صورتحال ۾ ڀارت وڃڻ به هڪ چيلينج قرار ڏنو پيو وڃي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت جي تيار ڪيل وينيو جو به جائزو وٺڻو آهي، آءِ سي سي جائزو وٺڻ بعد وينيوز جو حتمي فيصلو ڪندي. واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آڪٽوبر يا نومبر ۾ ڀارت ۾ کيڏيو ويندو.