آئمه بيگ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي

0
476

ڪراچي (شوبز نيوز) گلوڪاره آئمه بيگ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻجي وئي.گذريل ڏينهن گلوڪاره آئمه بيگ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي مررسيلفي شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءِ آءِ فون هٿ ۾ کڻي اولهه طرز جو لباس پائي شيشي جي اڳيان بيٺي آهي.ان تصوير کي جتي مداحن پسند ڪيو اتي ڪيترن ئي پاران مٿس تنقيد پڻ ڪئي وئي.اذلان نالي صارف گلوڪاره تي تنقيد ڪندي تبصرو ڪيو ته مريض ٿي لڳين، جڏهن ته هڪ ٻئي صارف لکيو ته توهان کي سائيڪلوٿراپسٽ جي ضرورت آهي.عرفان نالي صارف لکيو ته ڪجهه کائيندا پيئندا ڪيو اسٽڪ وانگي ٿي لڳين.