ڀارت ۾ ڪورونا جي لهر نه پر طوفان آيل آهي: نريندر مودي

0
524

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مڃي ورتو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي لهر نه پر طوفان آيل آهي، قوم کي ريڊيو ذريعي خطاب ڪندي نريندر مودي چيو آهي ته ڪورونا طوفان قوم کي جهنجوڙي ڇڏيو آهي، ڪيترائي ڀارتي شهري وقت کان اڳ حياتيون وڃائي ويٺا، عوام کي اپيل آهي ته احتياط ڪري ۽ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وبا جي ٻئي لهر ڪهرام مچائي ڇڏيو آهي، روزاني لکين ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن، ڀارت ۾ هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز سامهون اچي ويا آهن، اسپتالن ۾ مريضن جي لاءِ جڳهه ناهي ۽ شمشان گهاٽن جي ٻاهران لاشن کي رکي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ قطارون لڳل آهن.