سنڌڙي:زال کي وٺڻ لاءِ آيل همراهه تي سهري جو حملو، اسپتال ڀيڙو

0
300

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ڦلھڏيون ۾ زال کي وٺڻ لاءِ آيل 50 ورھين جي ڪرمڻ ڪولھي تي سھرو سيرو ڪولھي حملو ڪري ڪھاڙين جا وار ڪيا، جنهن کي پوليس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، زخمي ڪرمڻ ڪولھي جو چوڻ آهي ته 9 سال اڳ شادي ٿي ھئي، آئون شير واهه فارم جو ويٺل آھيان، زال وڃي ٿي ته 3، 3 مينھنا گھر واپس نٿي اچي، جنھن کي وٺڻ ويس ته سھرو حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ڦلھڏيون پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرمڻ ڪولھي سھرن جي گھران زخمي حالت ۾ نڪري دوسي واري موري تي پھتو جتان کيس لاوارث حالت ۾ اسان اسپتال کڻي آياسين.