ڪرمپور ۾ مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڌرڻو، باهيون

0
236

ڪرمپور (ن پ ا) ڳوٺ مارک بجاراڻي مان اغوا ٿيل نوجوان عبدالحفيظ بجاراڻي ست ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيو، پوليس به نوجوان جي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، مغوي جي وارثن ٺل _ڪنڌڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، روڊ بند هجڻ ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ٺل جي بي سيڪشن جي حد مان نوجوان اغوا ٿيو، پر پوليس جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، هنن مطالبو ڪيو آهي ته مغوي عبدالحفيظ بجاراڻي کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايو وڃي.