ڪراچي (م ڊ) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان شيئر ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ هڪ عورت ڳاڙهي رنگ جي اعتراض جوڳي لباس ۾ نظر اچي ٿي. هن وڊيو کي مبينا طور تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪا بخاري سان ڳنڍيو پيو وڃي جيڪو غير مناسب عمل آهي. هن وڊيو بابت ٽرٿ ميڊيا نالي ٽويٽر پيج تحقيق ڪئي ۽ چيو ته هي وڊيوز اصل ۾ ڀارتي ماڊل سونيا سونو جون آهن جنهن کي تصديق کانسواءِ سينيئر اڳواڻ سان ڳنڍيو پيو وڃي. ان تي تحريڪ انصاف آفيشل رد عمل ڏيندي لکيو ته ڪجهه اڪائونٽس پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ڀارت ڀارتي ماڊل جي تصوير ۽ وڊيوز کي مليڪا بخاري سان ڳنڍيو ويو آهي. هنن چيو ته اصل ۾ هي هڪ هندستاني ماڊل آهي.