لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالفطر جي پهرين ڏينهن ڪراچيءَ جي سي پي او پوليس آفيس تي دهشتگردن جي حملي دوران شهيد ٿي ويل لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي ٽئنڪ چوڪ واسي اهلڪار غلام عباس لغاري جي ڀاءُ غلام رسول لغاري سميت شھيد جي پٽن سان تعزيت ڪئي، هوڏانهن وڏي وزير نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي واسي گهوٽڪي ۾ پوليس چوڪي تي ٿيل حملي دوران شهيد ٿي ويل اهلڪار ڪشور ڪمار جي گهر پهچي پڻ والد سوڍو مل، ڀاءُ اشوڪ ڪمار ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو، وڏي وزير جو چوڻ هو ته شھيد زندهه هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪندا آهن، اسان کي شھيدن تي ناز آهي، سندن ڏنل قرباني رائيگان نه ويندي، وڏي وزير شهيد ڪشور ڪمار جي بيواهه ۽ ٻارڙن لاءِ هڪ ڪروڙ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.