اسلام ڪوٽ (رپورٽ: الطاف اسماعيل) ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ ڀرسان آباد ڳوٺ ڀاوي تڙ جي رهواسي ڪولهي ۽ خاصخيلي برادري جي ماڻهن گذريل ڏينهن هتي احتجاج ڪندي دانهيو ته ٿرڪول بلاڪ ون جو پاور پلانٽ ٺهڻ کان پوءِ ڳوٺ جا لنگھه بند ٿي چڪا آهن. شنگهائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپني واعدي باوجود رهواسين جا مسئلا حل ڪرڻ بدران مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيوآهي. ڳوٺ ڀاوي تڙ جي رهواسين جعمون خاصخيلي، آچار، هاشم، سوڀارو خاصخيلي، مگهن ڪولهي، انڪ، پريمچند، هنسراج، چنو ڪولهي ۽ ٻين پريس ڪلب اسلام ڪوٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. احٿجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بلاڪ ون جو پاور پلانٽ اسان جي بلڪل گهرن کي ويجهو آهي، جنهن سبب ڳوٺ جا سمورا لنگھه رستا بند ٿي ويا آهن. اسان ٿر جي ترقي خاطر پنهنجيون زمينون ڏنيون، بدلي ۾ شنگهائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپنين اسان کي سهولتون ڏيڻ بدران روزگار ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪجھه عرصو اڳ احتجاج بعد اسان سان ڪمپنين پاران سهولتن جي فراهميءَ جا واعدا ڪيا ويا هئا پر هن وقت انهن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي. جڏهن کين سندن وعدا ياد ڏياريون ٿا ته ڪورونا ايمرجنسيءَ جو بهانو بڻائي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. پر هاڻي ڪمپنيءَ جي زيادتين خلاف خاموش نه ويهبو، پنهنجا حق وڙهي وٺنداسين.