مانجھند (ن پ ا) ڳوٺ فقيرداد کوسو جي رھواسڻ ناري ياسمين کوسو ماءُ ميران کوسو سان گڏ تحفظ لاءِ کاڻوٺ ٿاڻي پھتي جتي، ھنن دانهيندي چيو ته پنج مھينا اڳ بااثر پنھنجي ڀيڻ زليخان کوسو کي قتل ڪرڻ بعد ڪارنھن جو الزام ھڻي اسان کي به قتل ڪرڻ چاھين ٿا، قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي، جڏھن ته ايس ايچ او کاڻوٺ جو چوڻ ھو ته تحفظ لاءِ پھتل ميران کوسو ۽ ياسمين کوسو کان بيان ورتا ويا آھن مڪمل جاچ ڪري ڀرپور تحفظ فراھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،.