ٽنڊومستي (ن پ ا ) ٽنڊومستي باءِ پاس اسٽاپ تان چور سيٺ عبدالطيف پنجاپي جي دڪان جا تالا ٽوڙي دخل مان 24000 روڪ رقم کڻي ويا، پوليس ۽ ڳوٺاڻن ڪتن جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا، جيڪي ڪولاب جيئل لنڪ روڊ ڀرسان ويٺل کهڙا برادري جي گهرن ۾ لڳا، پوليس شڪ جي بنياد تي يعقوب کهڙو کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو مستي پوليس ف ليگ اڳواڻ حسام الدين شاهه جي شخصي ضمانت تي يعقوب کهڙو کي ڇڏي ڏنو.