باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ويجهو هٽي شهر ۾ دڪان جي مسواڙ گهرڻ تان دڪان مالڪ پيرسن حاجي شوڪت جتوئي ۽ مسواڙي دڪاندار شبير شيخ وچ ۾ منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ پيرسن دڪان مالڪ زخمي ٿي پيو، زخمي پيرسن ٿاڻي تي ٻن ڄڻن شبير شيخ ۽ نظير شيخ خلاف رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.