نوشهروفيروز (رپورٽر) ضلعي نوشهرو فيروز جي مڪاني ادارن جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ، پگھار مان ڪٽوتي ڪرڻ، ڊفرنفس بل نه ملڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن ڪشن راجا، مولابخش شيخ، نويد تڳر ۽ ٻين چيو ته مورو ميونسپل ڪاميٽي سميت ٽائون ڪاميٽي محرابپور، پڊعيدن، ڀريا سميت ٻين بلدياتي ادارن جي ملازمن کي وقت سر پگھارون ادا نه ٿيون ڪيون وڃن جنھن سبب ملازم فاقاڪشي جو شڪار آھن. ھنن چيو ته ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري پگھارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ضلع اندر ٻھارا ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي.