مٽياري (رپورٽر ) مٽياري جي غوثيه ڪالوني ۾ پاڻي جي سپلاءِ نه ٿيڻ خلاف رهواسين پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳوڻي ڪندڙ طاهريه غوثيه مدرسي جي کٿابين جو چوڻ آهي ته ٻن مهينن کان شهر جي غوثيه ڪالوني ۽ مدرسي واري علائقي ۾ پئيڻ جو پاڻي نه پيو ملي، جمعي جي ڏينهن تي وضو لاءِ پاڻي به نه هو جنهن کان تنگ ٿي پريس ڪلب مٽياري کان پبلڪ هيلٿ آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي آهي، هنن جو چوڻ آهي ته اسان واري ڪالوني ۽ مدرسي ۾ پاڻي به پهچڻ جون ڪافي ڀيرا شڪايتون پبلڪ هيلٿ کاتي وارن کي ڏنيون ويون آهن پر اسانجو جائز مطالبو به پورو نه ٿو ڪيو وڃي گرمي وڌي وئي آهي پاڻي جو استعمال به وڌيو آهي مٿان رمضان شريف جو ڀلارو مهينو اچي رهيو آهي جمعي جي ڏينهن به وضو لاءِ به پاڻي نه هو، هنن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي اسان کي پاڻي ڏياريو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.