نئون ديرو (ن پ ا) مڪاني کاتي ڪنڌڪوٽ جي ملازمن شهيد راڻي پريس ڪلب نئون ديرو پهچي پگهارون آن لائن نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.ثناءُ الله ميراڻي، هدايت الله ميراڻي، آصف ڀٽو، عامر ابڙو، عبدالله ٽڳڙ جو چوڻ هو ته سنڌ جي سمورن کاتن جون پگهارون ٽريزري معرفت ڏنيون وڃن ٿيون ته مڪاني کاتي جي ملازمن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو انهن کي پگهارون آن لائن نه ٿيون ڏنيون وڃن. ملڪ جي ٻين صوبن جا ملازم جڏهن آن لائن پگهارون کڻي سگهن ٿا ته سنڌ جا بلدياتي ملازم آنلائن پگهارون ڇو نٿا کڻي سگهن. هنن چيو ته سنڌ جي سوين ميونسپل، ٽائون ڪاميٽيز ۾ ملازمن کي مقرر عملدار پنهنجي مرضيءَ جون پگهارون جاري ڪن ٿا ۽ ڊيوٽي دوران فوت يا رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي گريجوئيٽي ۽ پينشن لاءِ ذليل ۽ خوار ڪيو ٿو وڃي. سڀني جي گندگي صاف ڪندڙن سان آخر اهڙو ناحق ڇو آهي؟ هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني کاتي صوبائي وزير ناصر ۽ وسوارن عملدارن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي مڙني بلدياتي ملازمن کي ٽريزري ذريعي آنلائن پگهارون ڏئي، ڪٽوتيون، ناجائزيون ۽ ناانصافيون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ پوري سنڌ جا بلدياتي ملازم سراپا احتجاج ٿي روڊن تي نڪري ايندا ۽ پنهنجا حق وٺڻ کان سواءِ واپس موٽي نه ويندا.