ميھڙ(ن پ ا)ميھڙ ۾ بدامني رڪجي نه سگھي ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرلس ھاء اسڪول ڀرسان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ڪارخاني مالڪ ڳوٺ ڪوٺي کوکرن جي رھواسي فداحسين چنا کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کائنس 18 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڪارخانيدار فدا حسين چنه موجب ته ميھڙ مان پيسا کڻي ڳوٺ وڃي رھيو ھئس ته نامعلوم موٽرسائيڪل ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 18 لک رپيا روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو سامان فر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آھن جڏھن ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي شھري اتحاد جي اڳواڻ نياز ٻرڙو ۽ ٻيا شھري واقعي واري ھنڌ پھچي بدامني خلاف احتجاج ڪيو ۽ چيو ته ميھڙ ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي ۽ ماڻھون روز ڦرجن پيا پر پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو آھي ھنن چيو ته امن امان بحال نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.