شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جو راشن من پسند ڀوتارن کي ڏيڻ تي ايس يو پي جي سڏ تي ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، حاڪم مستوئي، آصف مگسي، بچل باغي، ڪائونسلر محمد ياسين رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مختيار ڪار ٻوڏ متاثرن جو راشن ۽ خيما ڀوتارن ۽ وڏيرن کي ڏئي رھيو آھي. ھنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مختيارڪار کي ھٽائي ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ خيما ڏئي بيچني ختم ڪئي وڃي.