فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ شهر ۾ فون ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي جوابدار فائرنگ ڪري فوجي جوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. خبر موجب پڪاچانگ شهر جي غريب آباد ڪالوني واسي فوجي جوان علي محمد سومرو کي جوابدار ظفر چانگ فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو. زخمي فوجي جوان کي اسپتال داخل ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ زخمي علي محمد سومري  ٻڌايو ته جوابدار ظفر چانگ فون ڪري منهنجي گهر وارن کي تنگ ڪندو هو.  جوابدارن جو فون نمبر ٽريس ڪرڻ بعد کيس منع ڪيو جنهن تان هن مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جوابدارن تي مون اڳ به اين سي به داخل ڪرائي هئي پر پوليس هن کي گرفتار نه ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو.