سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي مختلف يوسين ۾ منڇر ڍنڍ مان آيل پاڻي جو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ جاري آهي، پر انتظاميا پاران متاثر تائين رليف پھچائڻ جو ڪم سست رفتاري سان ٿيڻ ڪري عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو  آهي، جنهن خلاف ڳوٺ سانوڻ پنھور جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن سيوھڻ پھچي رليف نه ملڻ خلاف ڊي سي ڪئمپ ھائوس آڏو سخت احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ جلد واھر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.