فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ لڳ نوجوان برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهيو، رات ٿيڻ سبب ڳولا وارو عمل بند ڪيو ويو. خبر موجب پڪا چانگ لڳ ڳوٺ محمد اسماعيل چانگ واسي 30 سالن جو نوجوان رحيم بخش ولد عاشق علي چانـگ  برساتي پاڻي ۾ ٻڏي  ويو. اهڙي اطلاع بعد علائقي واسين  ۽نوجوان جي وارثن ڳولا ڪئي پر نوجوان هٿ اچي نه سگهيو رات هجڻ ڪري نوجوان جي ڳولا وارو عمل بند ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد عاشق علي جو چوڻ آهي ته پٽ برساتي پاڻي مان مينهون  گذاريندي گم ٿي ويو آهي.  نوجوان جي چپل ملي آھي، شڪ آھي ته پٽ برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو آھي. جڏهن ته  اطلاع باوجود انتظاميا  نه پهتي. نوجوان جي گم ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام متل آهي. واضح رهي ته 2 هفتا اڳ پڻ ساڳئي هنڌ هڪ نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو هو. علائقي ۾ برسات ۽ واهن کي ڪٽ هڻڻ سبب 5 کان 7فوٽ پاڻي بيٺل آهي.