ٽنڊوغلام علي(ن پ ا)  ٽنڊي غلام علي ۾ اسڪول مان گُسائڻ تي نينگر تي مبينا تشدد  ڪيو ويو. ان ڏس ۾  بدين جي خانگي اسڪول ۾  پهرين ڪلاس جي شاگرد 5 سالن جي نينگر حسنين پٽ محمد قاسم پنهور مٿان ماسترياڻي مبينا طور سخت تشدد ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.  ٻارڙو بي هوش ٿي ويو جيڪو خوف ۾ ورتل آهي. ٻار جي پيءُ ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي محمد قاسم پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بدين جي پرائيوٽ حبيب اسڪول ۾ پڙهندڙ منهنجو مصوم پٽ ڇنڇر جي ڏينهن اسڪول نه ويو هو ته معصوم نينگر جي استاد ماسترياڻي تانيه کيس بي رحمي سان انسان سوز تشدد ڪيو ۽ معصوم جي رڙين تي ٻئي عملي کيس ڇڏايو، هن چيو ته اڳ به ساڳئي ماسترياڻي منهنجي پٽ پهرين ڪلاس جي شاگرد تي تشدد ڪندي رهي ٿي، جنهن جي شڪايت اسڪول جي پرنسپال سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ڪئي هئي پر نوٽيس نه وٺڻ ڪري ٻيهر هن سخت تشدد ڪيو آهي جنهن سبب هو خوف ۾ مبتلا بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پوليس کاتي ۾ هجڻ ڪري مختلف هنڌن تي مقرري ٿئي ٿي تنهنڪري پٽ کي گهر ڀرسان اسڪول ۾ ڇڏيو آهي پر ظالم ماسترياڻي نينگر کي پڙهائڻ بجاء مارڻ جي چڪر ۾ آهي، جڏهن ٻارڙي جي والد ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي محمد قاسم پنهور ڊائريڪٽر پرائيويٽ  اسڪولس، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين ۽ خانگي اسڪول جي انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته بدمست ماسترياڻي کي اسڪول مان هٽائي سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.