ٽنڊوباگو(ن پ ا)  ٽنڊي باگي ڀرسان معصوم ٻارڙو برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ بکو چانڊيو ۾ ٽن سالن جو معصوم نينگر گل محمد ولد اعجاز چانڊيو گهرن ڀرسان برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو. معصوم نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. نينگر جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ڳوٺ بکو چانڊيو جي نيڪ مرد محمد اڪرم چانڊيو موجب ته هڪ مهينو اڳ برسات دوران سم نالي کي لڳل گهارن سبب ڳوٺ بکو چانڊيو جي ڳوٺ ٻاهران گھارن جو پاڻي جمع ٿي ويو هو. ڳوٺ مان برساتي ۽ گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري هي واقعو پيش آيو آهي.