مسڻ(ن پ ا) مسڻ وڏي ويجھو يوسي دريا خان مري ۾ ٽيل موري لڳ مھراڻ فارم وٽ برساتي پاڻي ۾ 12ورھين جو نينگر  کيمچند پٽ ڪرمشي ٻڏي فوت ٿي ويو جڏھن ته نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ياد رھي ته مسڻ وڏي جي آس پاس علائقي ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آھي جيڪو نيڪال نه ٿي سگھيو آھي جنھن سبب اھڙا واقعا پيش اچي رھيا آھن گذريل ڏينھن پڻ يوسي داد جروار ۾ اھڙو واقعو پيش آيو ھو پر ڊي سي ٽنڊوالھيار ضعلي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي ڪڊائي نه سگھيو آھي جڏھن ته  ھائي ڪورٽ پڻ ضعلي ٽنڊوالھيار مان برساتي پاڻي ڪڊائڻ جو حڪم ڏيئي چڪي آھي پر برساتي پاڻي اڃا تائين بيٺل آھي جنھن سبب اھڙا واقعا پيش اچي رھيا آھن.